ل??ڊن -25 سيپٽمبر (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي حلال فوڊ فيسٽيول جي تقريب 28 کان 29 سيپٽمبر تائين ل??ڊن اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب انتطاميا کي هن سال فوڊ فيسٽيول ۾ 20000 کان به وڌ??ڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي. فوڊ فيسٽيول ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، مراڪش ۽ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ وينڊرز، شيفرز ۽ فوڊ اسٽالز موجود هوندا . تقريب جي انتظاميا ڪميٽي جي ڊائريڪٽر وليد جهانگير ٻڌايو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلم آبادي ۾ لڳاتار اضافي سبب حلال فوڊ جي مصنوع??ت جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حلال فوڊ مان تيار ڪيل معياري ذائقن ۾ وڌندڙ دلچسپي نه رڳو مسلمان صارفين پر غير مسلمانن جو ڌيان به حلال کاڌن ط??ف ڏياريو آهي. ان تقريب ۾ مشهور شيف شخصيتن جي تيار ڪيل کاڌن جي ذائقن بابت لائيو ڪوڪنگ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن جي ميزباني عالمي شهرت يافته شيف شيلينا پرمولو ڪندي.
لنڊن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو حلال فوڊ فيسٽيول 28 سيپٽمبر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری