گڏيل قومون -14 مئي (اي پي پي) رفح ۾ اس??ائ??ل جي بمباري جاري اهي، ان دوران هڪ هفتي ۾ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي اٽڪل معطل آهي ۽ اس??ائ??لي بمباري ۾ گڏيل قومن جو هڪ ۽ امدادي ڪارڪن به مارجي ويا آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ اس??ائ??لي فوج طرفان اوڀر رفح ۾ رهندڙ فلسطيني شهرين کي پنهنجون پناهه گاهون ڇڏڻ جو حڪم جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ هفتو پهرين نيڪال جي پهرين حڪم کان پوءِ اٽڪل 3 لک 60 هزار فلسطيني رفح مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. غ??ه ۾ اس??ائ??لي جنگ ۾ مارجي ويل گڏيل قومن جي ع??لي جو انگ 189 ٿي ويو آهي. گڏيل قومن غزه ۽ اولهه ڪناري جي 30 لک کان وڌيڪ فلسطيني شهرين جي مدد لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 2.8 بلين ڊالرن جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل