رياض-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيه?? وزارت نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن آڏو هڪ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، عرب نيوز مطابق پرڏيه?? وزارت پنهنجي بيان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي بار بار ڪيل نفرت انگيز قدمن کي ??ڪمل طور تي رد ڪندي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ت?? ان قسم جي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ت?? ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي ??وا ڏئي رهيا آهن. رواداري، اعتدال پسندي جي قدرن کي ??ٿي وٺائڻ ۽ انتهاپسندي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ريت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيه?? وزارت وڌيڪ چيو ت?? اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ضروري گڏيل احترام ??ي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ هاڻوڪن مهينن دوران عوامي سطح تي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد