اسلام آ??اد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائ??ل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن ??ان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائ??ل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي. صد?? چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪ??اد ڏيان ٿو. صد?? آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صد?? چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻ??ن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صد?? پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪ??اد ڏيندي پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر پاران پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز