ا??لا?? آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ??ان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ??ه جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪندو. هن چيو ??ه پاڪستان تمام ذميداري ??ان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو ??هي ته جيئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ??ه بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ ا??ان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ??ه توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن ??ان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ??ه جرمني پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ??ه جرمني نجي شعبي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری