اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستا?? جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳاله?? گڏيل عرب امارت?? جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چي??رمين احمد جاسم الزابي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الزابي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چي??رمين به آهي. پاڪستا?? جي سفير احمد جاسم الزابي جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين گڏيل عرب امارات جي چيمبرز ۽ پاڪستا?? جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪاروباري منصوب?? جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پاڪستا?? جي سفير، احمد جاسم الزابي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي سيڙپڪار?? لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. سفير، گڏيل عرب امارات جي چيمبرز جي ڪاروباري وفد کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولت?? جي فراهمي ڪاروباري لاڳاپ?? جي قي??م، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به اتفاق ڪيو.
گڏيل عرب امارتن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي: فيصل نياز ترمذي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن