اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين سبب روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهي مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌ ٿي ??هي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز جي نجي شعبي ۾ قرضن جي گهٽتائي ۽ قرضن ۾ واڌ جي مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ سينيٽر ذيشان خانزاده جي ايف بي آر جي ڊجيٽلائزيشن جي طريقيڪار جي حوالي سان رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي ناڻي واري وزير چيو ته ??يوان ۾ جلد معاشي منصوبو پيش ڪندس، روپئي جو قدر مستحڪم آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي وئي آهي، پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام بنياد آهي، ماضيءَ ۾ آءِ ا??م ايف پروگرام ۾ وڃڻ ۾ دير ڪئي وئي جنهن سان نقصان ٿيو، نجي شعبي جا قرض 470 ارب رپين کان وڌيڪ آهن، مالياتي نظم ۽ نسق ضروري آهي، پنهنجن خرچن کي گهٽ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، نجي شعبي کي اڳ??ان اچڻو پوندو، اسان نجي شعبي کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين. آءِ ٽي شعبي جو بجيٽ وڌايو ويو ??هي. زراعت ۽ ا??س ا??م ايز جي شعبن تي ڌ??ان ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪيو آهي، ٽيڪسن جي وصولين جو طريقيڪار آسان ۽ سادو هئڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت ۾ آساني ۽ صارفين کي سهولت حاصل ٿيندي، ملڪ عطين تي نٿو هلي سگهي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ??ءِ ا??م ايف سان اهو آخري پروگرام هوندو، اسان کي ڍانچه جاتي سڌارا آڻڻا پوندا، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ سڌارا اڻٽر آهن جنهن لاءِ اسان پُرعزم آهيون.
موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين سبب رپئي جو قدر مستحڪم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ