اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته جرمني سپلائي چين ڊيو ڊيليجنس ايڪٽ جهڙن قدمن ذريعي پائ??دا?? ترقي جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي واري وزير سوينجا شولز سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. واپار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مصنوعات جو عالمي سطح تي طلب ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تربيت يافته مزدور موجود آهن. ڄام ڪمال جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني طرفان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات ۾ ج??من وزير شولز ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جرمني ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سميت ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي ج??من ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڪاروباري لاڳاپا قائم آهن. ج??من وزير سمورن شعبن ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي اهميت تي زور ??ريو. ان موقعي تي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. ملاقات ۾ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر (اين سي سي) تي روشني وڌي، ٻنهي وزيرن واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ج??من وزير کي واپار واري وزارت ۾ اچڻ تي چادر جو روايتي تحفو به پيش ڪيو.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ