اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، ا??ام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ا??ام بارگاهه ڪاشان عباس جي دوري دوران ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مجلس ۽ جلوس جي روٽ جو معائنو ڪيو جڏهن ته مجلسن د??ران سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير منتظمين، عزادارن سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي ا??ام بارگاهه ڪاشان عباس جي منتظم سيد خرم عباس نقوي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. عطاءُ الله تارڙ انتظامن کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر سان مڪمل رابطي ۾ آهيون، محرم الحرام دوران امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ انتظاميا الرٽ آهي، مجلسن ۽ جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت جي لاءِ فول پروف قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته ڪربلا جي واقعي مان درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون وڃن ٿيون، ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ا??ام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت ا??ام حسين رضه اسان کي سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙن جو ڪنڌ ڪٽجي ته سگهي ٿو پر جهُڪي نه ٿو سگهي، ا??ام حسين رضه جو سبق آهي ته ڪنهن ظالم ۽ جابر کي حق سان کلواڙ جي اجازت نه ڏني وڃي، حق ۽ باطل جي ويڙهه هن د??ر ۾ به جاري آهي. اڄ ايثار ۽ قرباني جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت اڳ کان ت??ام گهڻي وڌيڪ آهي.
ڪربلا جو واقعو قيامت تائين حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق جو پئمانو آهي، امام حسين رضه جي سمورن ساٿين جو حوصلو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار