واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چي?? آهي، ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ?? واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چي??. هن چي?? ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالرن جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالرن جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻ?? واري وزير چي?? ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالرن جي ماليت جي قرض پروگرام جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چي?? ته گذريل س??ل جي ابتڙ هن سال پاڪستان جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چي?? ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچ?? وار سڌارن جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگرام جي ضرورت آهي. هن چي?? ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻ?? واري وزير چي?? ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه ??اص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. چي?? پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻ?? واري وزير چي?? ته ان تحت چي?? بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چي?? ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ?? واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چي?? ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪان?? واڪ ڏيندڙن جي دلچسپي جي حوالي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسان جي خواهش آهي ته ان عمل کي جون جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻ?? وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.
اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ آءِ ايم ايف سان اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : números dupla sena