اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳا??ها???? رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽ?? اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪر?? رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.
صدر پاران پاڪستان غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ