بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪس??ان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي انتظام ه??ٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪس??ان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪس??ان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مج??ما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مج??ما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪس??ان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي 3 مهينا ڊگهي گڏيل نمائش شينزن ۾ جاري، 203 نوادرات پيش
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ