اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسلم ڪمرشل بئنڪ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪندي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ۽ ذميوار بئنڪ ??هل??ارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب محمد منير احمد وغيره (شڪايت ڪندڙ) جو بئنڪ جي گوجره روڊ برانچ ۾ گڏيل اڪائونٽ هو، مارچ 2021ع ۾ اڪائونٽ بيلنس ۾ تمام وڏي گهٽتائي نظر آئ??، 39 لک کان وڌيڪ ماليت جون 292 ڊپازٽ سلپس اڪائونٽ ۾ جمع ئي نه ڪيون ويون، شڪايت ڪندڙ وٽ بئن?? عملدارن جون صحيح ٿيل ۽ ٺپو لڳل ڊپازٽ سلپس موجود هيون، صارف شڪايت جي ازالي جي لاءِ بئنڪ سان رابطو ڪيو پر بئنڪ دعويٰ رد ڪري ڇڏي. صارف شڪايت جي ازالي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. بئنڪنگ محتسب جو صارف جي حق ۾ فيصلو اچڻ تي بئنڪ صدر کي درخواست ڪئي. صدر ايوان صدر ۾ ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر مسلم ڪمرشل بئنڪ فراڊ ۾ ملوث گوجره روڊ جهنگ برانچ جي بدعنوان ??هل??ارن جي خلاف انڪوائري ڪري ملوث ع??لي جي خلاف ايف آءِ آر سميت فوجداري ڪارروائي شر??ع ڪرڻ ۽ متاثر ڌر کي 30 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته رڳو هڪ چانهه واري تي فراڊ جي ذميواري وجهڻ کل جوڳي آهي، بئنڪ ع??لي جي ??لي ڀڳت کانسواءِ بئنڪنگ ضابطي جي خلاف ورزي ممڪن نه آهي.
صدر پاران بئنڪ کي متاثر شخص کي 30 لک رپيا واپس ڪرڻ ۽ ذميوار بئنڪ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال