اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ??ندي ان عزم کي ورجا??و ويو آهي ته ??شميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چ??و ويو ته هي ايوا?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي قتل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ??ري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چ??و ويو ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ??ارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙ??و وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ??شميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چ??و ويو ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.
ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، سينيٽ پاران اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔