اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پي??وراڻي تربيت واري نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هنوريپاٽي وف?? سان گڏ ملاقات ڪئي. وف??قي وزير وف?? جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ڏي وٺ پاڪستان ۾ موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪري سگهي ٿو. وف??قي وزير ۽ سفير نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو جيڪو فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي مدد سان ڪنسٽرڪشن، آءِ ٽي، ٽيچرز ٽريننگ ۽ انجنيئرنگ اسٽڊيز کان علاوه هوٽل ۽ ريسٽورينٽ انڊسٽريءَ تي ڌيان ڏيندو. اهڙيءَ طرح فن لينڊ جي ٽورڪو ميونسپلٽي جي سهڪار سان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ هڪ سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪيو ويندو. وف??قي وزير چيو ته غير رسمي تعليم جي شعبي ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي، اسلام آباد پاڪستاني نوجوانن کي فني مهارتون فراهم ڪري رهي آهي جنهن کي موجوده ۽ پرڏيهه ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ خواهشمند پاڪستاني نوجوانن لاءِ اسڪلر لرننگ سينٽر طور تي وڌائي سگهجي ٿو. سفير وف??قي وزير کي فن لينڊ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ جاري تعاون جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو پهريان ئي نيوٽيڪ ۽ نسٽ ۾ پي??وراڻي تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. سفير وف??قي وزير کي ٻُڌايو ته فن لينڊ جون 2 يونيورسٽيون پهرين ئي انهن ادارن کي فني ۽ انساني مهارت فراهم ڪري رهي آهي. هن وف??قي وزير کي ٻُڌايو ته تقريبن 500 ماڻهو اڳ ئي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻُڌايو ته فن لينڊ جي حڪومت جي مدد سان نيو ٽيڪ اڳ ئي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ مئنجمينٽ نگرانيءَ هيٺ هڪ سال ڊپلوما ڪورس کي 3 ساله ڪورس ت??ئين وڌائي ڇڏيو آهي.
فن لينڊ جي سهڪار سان نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ٽوئر ارزم اينڊ هوٽل مئنجمينٽ ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا ويندا: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل