اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمي??ين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪست??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشمي??ين جي خواهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏياريندي چيو ته ڪشمي??ين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن س??ن گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪستان ڪشمي??ين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشمي??ين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق