اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن با??ت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي لاءِ انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز با??ت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ انهن ??ي قانونسازي ڪيسز با??ت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن ??يو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان مشاورت جاري آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ با??ت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن ??ي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ ميڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ با??ت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي ??وليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي ??دايت ڪئي ته گهرو وزير ا??ندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي لاءِ وزارت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي ??رائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil