اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذم??وار ڏوهارين ??ي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي شهادت جي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ بيان ۾ بابري مسجد جي جڳهه تي هندو مندر جي جاري تعمير جي مذمت ڪئي. ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي انتهاپسند ”هند??تو??“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تح??ظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ جي 30 هين ورسيءَ آهي، هي موقعو ڀارت ۾ ان وقت کان وڌندڙ مسلم مخالف جنون جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته اسان بابري مسجد جي تباهي جي ذم??وار جوابدارن جي آزادي جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت ۾ هندو بالادست گروهه وارانسي جي گيانواپي مسجد سميت ڪجهه ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن مطالبن سان بابري مسجد جهڙا وڌيڪ واقعا ٿي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارتي مسلمانن جي مذهبي آزادين تي مسلسل حملو ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ حڪمران پارٽي مسلسل مسلمانن جي خلاف جذبن کي ڀڙڪائي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي مختلف اعلانن جي ذريعي مطالبو ڪيو آهي، اسان ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ان جي تباهي جي ذم??وار جوابدارن کي سزا ڏني وڃي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي انتهاپسند ”هند??تو??“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تح??ظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تح??ظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria