اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ سٽيلن ۾ امدادي رقم ورهائي پئي وڃي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان وزيراعظم ڪيش رليف تحت وڌيڪ 5 هزار خاندانن کي 25000 رپين جي امداد ڏني وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چ??و ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 26 لک 46 هزار متاثر خاندانن ۾ امدادي رقم ورهائجي چڪي آهي. هاڻي تائين سڄي ملڪ ۾ متاثر خاندانن ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کا?? وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي. اها رقم پاڪستان جي وزيراعظم فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي وئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ر??م جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب