ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي ??ڏي وز??ر مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪندي ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان جي ??ڏي وزير چيو ته ڄم??ن ۽ ڪشمير تي ڀارتي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ لکين ??يگ??اهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.
5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ