اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ار??يامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان ??ار??يامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو ??ار??يامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران منصوبي تي ٿين??ڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ٿين??ڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن منصوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته ??ار??يامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي سان ??ار??يامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل