اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آه?? ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آه?? ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، 1985ع کانپوءِ ۽ آصف زرداري جو اقتدار ڏسي وٺو ۽ عمران خان جي خيبرپختونخواهه ۽ هاڻي وفاقي حڪومت کانپوءِ جا وسيلا ڏسي وٺو، شر??فن وٽ ٻاهر ملڪيتن جي لاءِ پئسا اچي وڃن ٿا، کير، مرغين، کنڊ جو ڪاروبار شر??ع ٿئي ٿو، انهن سمورن چورن جي آخري آرامگاهه ايوان اقتدار نه پر جيل آه??، عدم اعتماد اسان جي لاءِ ڪو چئلينج نه آه??، مونس الاهي جي بيان کانپوءِ اڃا وڌيڪ گهٻراهٽ ڇانئجي وئي آه??، اسان جي ميمبرن جي فڪر نه ڪريو، پنهنجي 25، 30 ميمبرن جي فڪر ڪريو جيڪي هر اهم موقعي تي غائب ٿي وڃن ٿا. سي اي سي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ کي علي امين گنڊاپور شڪست ڏني آه??، اتان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الرحمان تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آه??. بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ک??يا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ پهريون ڀيرو بااختيار بلدياتي نظام ڏنو ويو آه??، ماضي ۾ ناظمن جي لاءِ ٻوليون لڳنديون هيون. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه مان ختم ٿي وئي آه??. پي ٽي آءِ کي ڪرڪ مان ٽي ۽ بنون مان هڪ سيٽ ملي آه??. هن چيو ته هڪ طبقو بار بار هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙي رهيو آه??، شهباز شر??ف جي چهري تي مايوسي سڀني ڏٺي آه??، 18 فيبروري تي شهباز شر??ف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وڃي رهيو آه??، سليمان شر??ف کي ڪهڙي بيماري آه?? اهو ڇو نه اچي رهيو آه??، مقصود چپڙاسي جهڙن ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 4 ارب رپيا آيا آه??. هن چيو ته مخالف ڌر ته مخالف ڌر کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آه??، انهن جي ويڙهه ٻي ۽ ٽئين اپوزيشن جي آه??، هڪ طرف زرداري جا پير پڪڙيل آه??، ٻئي طرف 22 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائرن جي عيادت جي ياد اچي وئي آه??. هن چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آه?? جنهن صوابديدي فنڊز ختم ڪيا، ٻاهرئين سفر تي ڪفايت شعاري ڪئي آه??، عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ ملڪيتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي ڪي فيڪٽريون هنيون آه??.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں