اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ??يڊ??ا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ??يڊ??ا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ??يڊ??ا نيٽ ورڪ جوڙينداسين، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي م??ئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي او آءِ سي اجلاس جي موقعي تي م??تلف نمائندن سان ملاقاتون ٿيون، افغانستان جي صورتحال بنيادي موضوع رهي، وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جو پڻ خاص طور تي ??ڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ??يڊ??ا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو، ??يڊ??ا حصيداري جي لاءِ فوڪل پرسنز ٺاهيا ويا آهن، جوائنٽ ??يڊ??ا نيٽ ورڪ جوڙينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ شدت پسندي جي م??املن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، او آءِ سي پليٽ فارم تحت اسڪالرز جو اهڙو يونٽ جوڙيو وڃي جيڪو مذهبي م??ئلن ۾ رهنمائي ڪري سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي ذريعي سمورن اسڪالرز کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته او آءِ سي تحت اهڙو فورم جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪو مذهبي بحث ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهي. هن چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي جي دائري کي سگهه ڏني ويندي، او آءِ سي تحت اهڙو ئي يونٽ جوڙيو ويندو.
پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ميڊيا رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ٽيليويزن قائم ڪيو ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ