تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حم??د قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغا?? عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغا?? عوام جي معاونت جي لاءِ منجمند اثاثا فو??ي طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي اي??ان?? هم منصب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چيو ته اي??ان?? هم منصب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغا?? عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪام جي مستحق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته افغا?? عوام جي مدد جي لاءِ منجمند اثاثا فو??ي بحال ڪيا وڃن.
عالمي برادري افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان