اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي مهانگا??ي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهمي جي ??والي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي ??اري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ معاشري جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي ??اري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ??هڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ??ريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون و??ن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته احساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي ??لط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بنئڪ جو صدر ۽ س??نئ?? عملدار موجود هئا.