اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات وار?? مملڪتي وزير چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ر??ٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پ??ري ڪوشش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ان جي باوجود عمران خان چاهي ٿو ته س??ريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته عمران خان چاهي ٿو ته وزيراعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت