اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ۽ ترڪيءَ جي صدر ??جب طيب اردوان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن ۾ وڌيڪ گهرائي پيدا ڪرڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل، افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائر گروپ جي معاملي ۾ ڀرپور حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. ٻنهي عالمي اڳواڻن جي وچ ۾ اه?? اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ ٿيو. ٻنهي اڳواڻڻ پهرين نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئ??، بعد ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولٽ ڪاوس اولو، صدارتي تر??مان ابراهيم ڪالان، ترڪ سفير صديق باربر گرگن، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا. جڏهن ته ترڪ صدر کي آجياڻو به ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق