ٽوڪيو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪامي ڪاوايوڪو فلسطين جي ??سڪريت پسند گروپ حماس طرفان اسرائيل خلاف حملن بعد سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته تحمل کان ڪم ورتو وڃي. جاپان جي ??ابرو اداري مطابق جاپان جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو حماس ۽ ٻين فلسطيني عسڪريت پسندن طرفان غ??ه پٽي تان اسرائيل تي ڪيل راڪيٽ حملن جي ??خت مذمت ڪئي. هن چيو ته ان سبب ڪري بيگناهه عا?? شهرين کي نقصان پهتو آهي. هن اها نشاندهي به ڪئي ته اطلاعن مطابق حماس ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو آهي، انهن جي ??لد کان جلد آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. جاپان جي پرڏيهي وزير غزه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ اسرائيل فوج جي ??ملن بعد پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته هو وڌيڪ نقصان ۽ فوتگين کان بچڻ لاءِ انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪن.
حماس طرفان اسرائيل تي حملي جي معاملي تي تحمل کان ڪم ورتو وڃي: جاپان جي پرڏيهي وزير جي اپيل
مضمون کا ماخذ : بونانزا