گڏيل قومون- 02 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته دنيا هن وقت ماليات، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي جي هڪ ٻئي سان جڙيل بحرانن جو مقابلو ڪري رهي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون ۽ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ تع??ون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عامر خان ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون جي حوالي سان قائم اعليٰ سطح جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون سان واپار، انفرا اسٽرڪچر ڪنيڪٽيويٽي، انساني سرمايو، تعليم، صحت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت ڪندڙ، آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي ۽ ٻين شعبن ۾ تع??ون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون جي ڪميٽي اسرندڙ ملڪن وچ ۾ ٽيڪنيڪي تع??ون کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ 1978 جي بيونس آئرس پلان آف ايڪشن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهي آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون جو ڪو به متبادل ناهي پر ان جي ??ڪم??ل لاءِ اتر –ڏکڻ تع??ون ۽ اسرندڙ ملڪن کي اتر – ڏکڻ تع??ون لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي. اسان کي اميد آهي ته ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون برابري، گڏيل فائدي ۽ گڏيل تع??ون جي بنياد تي تع??ون کي هٿي ڏيندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان آَفتن جي خطري ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت رکندڙ خاص طور تي ماحولياتي تبديلين سبب گذريل سال ٻوڏ سبب ٿيل تباهين جي ڏس ۾ ڏکڻ جي ڪامياب قدمن تي عملدرآمد جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن کي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. لچڪيدار بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) مضبوط بحالي کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقياتي هدفن تي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيل تباهي ۽ آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪري ??و. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تع??ون ڏاکڻين ملڪن وچ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اهم ??رد??ر ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان انهن کي اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي عمل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومن جي نائب مستقل نمائندي جو اعليٰ سطح جي ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز