اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ??رڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ويو آھي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي ويهڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان کان سواءِ ناڻي وارو وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي موضوع تي منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪندو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي ??جاگر ڪندو، ناڻي وارو وزير اسرندڙ ملڪن کي ??رپيش موسمياتي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي تقريرن ۾ موسيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيداري ??ان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس ??ان چئلينج کي منه?? ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصا?? ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد ??ان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.
ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب 29 ھين ڪوپ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان روانو
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا