اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??اق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ ??اص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزيب، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪيه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر ج?? سڌارن جي حوالي سان ترڪيه جي تجربن ما?? فائدو کڻڻ جا ا??ڪان بحث هيٺ آيا. و??اق?? وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ج?? خاطري ڪرائي.
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم