اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئ?? آهي جنهن جي سربراهي هو پاڻ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ حڪومتي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪسنلٽنسي فرم ڪئ??ارني (Kearney) جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، ڪئ??ارني هڪ عالمي شهرت يافته فرم آهي جنهن جا آپريشنز سڄي دنيا خاص طور تي وچ اوڀر ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم سيڙپڪاري ۽ حڪومتي صلاحيت ۾ بهتري ??ا اهڙا منصوبا جن جي حوالي سان جلد نتيجا برآمد ٿيڻ ??ا امڪان آهن، جي لاءِ فوري طور تي موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئ?? جنهن جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڪئ??ارني پاران وزيراعظم کي پاڪستان حڪومت سان جاري پنهنجي مشاورتي عمل جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪئ??ارني هيستائين وفاقي حڪومت جي 15 ادارن سان مشاورت ڪري چڪي آهي، ان مشاورتي عمل ۾ 97 ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ڪئ?? وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪئ??ارني پاڪستان حڪومت سان مشاورت ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ منصوبابندي جي حڪمت عملي تيار ڪندي، ڪئ??ارني سرڪاري ادارن جو ريگيوليٽري فريم ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان پاڪستان حڪومت کي معاونت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪ??يش?? جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??.
ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria