اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ متبادل توانائي، صن??ت، معدنيات، آء?? ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جرمني جي اين جي او گ??وب?? بريجز، برلن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ گ??وب?? بريجز جو چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز هينس ايلبرت، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نڪولس البرچٽ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ ڪاروباري ماڻ??و ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ملاقات ۾ پا??ستان ۾ جرمني جو سفير الفريڊ گرينيس، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صن??ت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد پا??ستان جي ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ ۽ موسمياتي تبديلي ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پا??ستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پا??ستان جرمني کي يورپ ۾ پنهنجو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن، پا??ستان ۽ جرمني جي وچ ۾ صن??ت، متبادل توانائي، معدنيات، آء?? ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پا??ستان مان ڪاربن اخراج جي شرح انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهيون، متبادل توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان جرمني جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پا??ستان جي افرادي قوت کي معياري تربيت فراهم ڪري انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ٻاهرئين ملڪ به پنهنجو هنر ڏيکاري سگهن. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي وفد جا شرڪت ڪندڙ دنگ رهجي ويا ۽ وزيراعظم جي جرمن زبان تي عبور تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا. جرمن وفد جي سربراهه وزيراعظم جي جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil