اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران ??ي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان ??دمتن تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم رئيسي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو ??جل??س وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. ??جل??س ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران ??ي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان ??ديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران ??ي عوام سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان ??ون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان ??هن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران ??ان گڏ بيٺل آهي. ان ??والي سان وفاقي ڪابينا جي ??جل??س کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ??يران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان ??و دورو اسان ??ي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان ??ي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
وفاقي ڪابينا پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل