اسلام آباد-12 مارچ (اي ??ي پي) سيني??ر اعظم نذير تارڙ باضابطه طور قانون ۽ انصاف واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو. جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ۽ قانوني سڌارا سندس ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم فوجداري ۽ ديواني معاملن ۾ انصاف جي فراهمي ۾ دير جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. قانوني عمل کي هموار ڪرڻ تيز رفتار انصاف کي يقيني بنائڻ لاءِ فوجداري، سول مالياتي ۽ آئيني شعبن ۾ سڌارن جي ??رو??ت آهي. وزيراعظم 8 رڪني قانوني سڌارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي. جنهن جي سربراهي سيني??ر اعظم نذير تارڙ ڪندو. ٻين ميمبرن ۾ سيني??ر اسحاق ڊار، شاهد حامد، زاهد حامد، مخدوم علي خان، اٽارني جنرل آف پاڪستان، شهزاد شوڪت صدر، ايس سي بي اي ??ي، ۽ ايم آر محمد ا??سن ڀون، پي بي سي شامل آهن. سيني??ر اعظم نذير تارڙ قانون ۽ انصاف واري وزير طور نظام کي بهتر بنائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي برقرار رکڻ ۽ انصاف کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ باضابطه طور قانون ۽ انصاف واري وزارت جو عهدو سنڀالي ورتو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر