اسلام آباد_11 فيبروري(اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مان پاڪستان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو خاص طور تي عورتن کي جن شديد ڏکيائين باوجود جمهوريت جي مضبوطي ل??ءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو،هن چيو ته نوجوان پڻ تعريف جا مستحق آهن جن ووٽنگ جي عمل ۾ پر امن طريقي سان حصو ورتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته شديد مالي بحران مان نڪرڻ ،ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جي رنجشن کي ختم ڪرڻ ل??ءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو جيڪو نظر اچي رهيو آهي.اسان کي ان جوش جذبي تي جشن ملهائڻ گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ گهرجي، هن چيو ته شاندار مستقبل تي اسان جو اعتماد مضبوط ٿيو آهي ڇاڪاڻ ت?? وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جو اظهار ??يو آهي، شهرين کي ان عظيم منڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مڃڻ گهرجي. صدر عارف علوي دعوت ڏيندي چيو ته اچو سڀ گڏجي نئين سر تعيمر جو ڪم شروع ??يو دنيا توهان جي منتظر آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت تي عوام کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا