اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چي?? آهي ته اسان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو ۽ انهن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي دنيا آڏو آڻڻو پوندو ته جيئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جا ماڻهو ڪهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڊيجيٽل فوٽوگرافي اينڊ پينٽنگز نمائش ۾ ڪيو. ??قر??ب کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد وڌيڪ چي?? ته 5 فيبروري جي ڏينهن جي اهميت کان اسان سڀ ماڻهو واقف آهيون ۽ اسان کي گهرجي ته ان ڏينهن ??ي ڀرپور طريقي سان ملهايون ته جيئن دنيا کي ڪشميرين تي ٿ??ندڙ ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چي?? ته ڀارت جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ڪشمير جي ماڻهن ??ي ڪشمير مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ اتي هندوئن کي آباد ڪيو وڃي ته جيئن جڏهن به ريفرنڊم ٿئي ته ان کي ان جا گهربل نتيجا ميسر هجن. هن چي?? ته اسان کي ڪشمير ۾ هندو آبادڪاري جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن ڀارت پنهنجي انهن ??ڌي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿئي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڊي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ثمينه فرزين شيخ چي?? ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿو ٿئي پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته اسان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿ?? ۽ اسان هر سطح ۽ هر فورم تي انهن جي حق ۾ آواز اٿاريندا رهنداسين. ??قر??ب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪشمير بابت تيار ڪيل ملي نغمو ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي تيار ڪيل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغمو پيش ڪيو ۽ ??قر??رون پڻ ڪيون.
اسان کي هر فورم تي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania