اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ سان اسان جي عوام سان گڏوگڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ٻطرفي لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لا??اپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگران وزيراعظم ٻطرفن لا??اپ?? جي مسلسل فروغ تي اطمي??ان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن سان گڏوگڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگران وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ ساراهيو.
روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا