اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي دنيا زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ??وڪڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطا??وي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري نمائندن جي وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ليبر فرينڊز آف ڪسمير يو ڪي ج?? چيئرمين اينڊريو گيوين ڪري رهيو هو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بابت ڳالهه ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشي، اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ، مني پور ۾ گرجا گهرن کي ??اڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اقليتي برادرين جي اڳواڻن جي عدالت کان مٿانهين قتلن ۾ ملوث آهي. هن چيو ته انتهاپسند هندوتوا جي نظريي کان متاثر ڀارت جي نفسيات بدلجي رهي آهي ج??هن جو مقصد اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ انهن سان ڪنهن به ناانصافي ج?? صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام کي پنهنجي سرزمين کي ??قليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آباديي ج?? ڍانچي کي ??بديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن دنيا تي زور ڏنو ته اها والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي واپس وٺڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن کان انڪار تي گهري ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي وفد جي سربراهه اينڊريو گيوين چيو ته ڀارت پاران ڪيل تشدد ۽ ڏاڍ ناقابل قبول آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو برطا??وي پارليامينٽ ۾ ڪشميرين جي حمايت ڪندو رهيو آهي، ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عوام کي ??نهن جي خودمختياري ج?? حق ڏيارڻ جي سلسلي ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ??تم ڪري ڀارت واديءَ جي آبادي ج?? ڍانچي کي ??بديل ڪري رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعليم ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي مل??ن جي بهتري لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفد ڀارتي گجرات ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خراب حالت تي پڻ ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو. صدر برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ برطا??وي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪشمير ڪاز جي لاءِ حمايت کي ??اراهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي ظاهر
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ