اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمت?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چي?? ته افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري ظهور احمد چي?? ته افتخار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن چي?? ته پاڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات کان وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چي?? ته افتخار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. افتخار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙ?? کي افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر افتخار عارف چي?? ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه ??ڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه ??ڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم ناليواري شارٽ فلم ميڪر عائشه ??ڪرم تيار ڪئي جنهن ۾ افتخار عارف جي زندگي جي مختلف رخ?? کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي ناليواري علمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.
نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهيل دستاويزي فلم ٻارهُون رانديگر جاري، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha