اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن ج?? اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ??هب??ز شريف ترڪيھ ج?? اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??هب??ز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم ??هب??ز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنه?? اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??هب??ز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم ??هب??ز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺ?? اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم ??هب??ز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ترڪ صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر