اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبرن جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن سان ميڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادارن سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏي انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبرن جي تعريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي کي ان جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبرن جي رجحان کي ن??سياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزارن سان ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سالن ۾ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حقيقتن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واش??گٽ?? پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز ??ان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سان فيڪٽ چ??ڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي ن??وز، ڊيلي ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن ??ان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي جائزي بابت انهن جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي حقيقت جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي مه??ان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادارن جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.
انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے