برسلز – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي، افغانستان کي انساني بحران کان ڪڍڻ لاءِ عالمي تعاون تمام گهڻو ضروري آهي، اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيلجيم جي پارليامينٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات دوران پ??ڪستان جا بيلجيم ۽ يورپي يونين سان ٻطرفا لاڳ??پا?? اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اڳڀرائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير پارليامينٽ جي ميمبرن کي يورپي يونين ۽ ان جي سڀني ميمبر ملڪن سان پ??ڪستان جي خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي باري ۾ آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جون 2019ع ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان (ايس اي پي) تي صحيحون ڪي??ن جنهن جي نتيجي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملي. پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اهڙو ميڪنزم ۽ ڊائيلاگ فريم ورڪ موجود آهي جنهن جي ذريعي گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. شاهه محمود قر??شي چيو ته سيڙپڪاري و??پا??، ۽ اقتصادي تعاون، يورپي يونين ۽ بيلجيم سان پ??ڪستان جا ڊگها لاڳاپا هڪ اهم جز آهن. جي ايس پي پلس گڏيل طور تي اهڙو فائدي وارو قدم رهيو آهي جنهن پ??ڪستان ۽ يورپي يونين جي گڏيل و??پا?? کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي ايس پي پلس بابت گڏيل قومن جي 27 هين ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ته ٻطرفي تعا??ن جي نون موقعن جي فراهمي ۾ پارليامينٽ جي موثر ڪردار جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورتن تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير وفد جي ميمبرن کي 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن، سفارتڪارن، عالمي ادارن جي عملي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ويجهو پاليسي هجڻ جي ناطي پاڪستان افغانستان ۾ معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي، شاهه محمود قر??شي چيو ته افغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ، پناهگيرن جي نئين لهر کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه بڻجڻ کان بچائڻ، ۽ افغان پناهگيرن جي عزت ۽ وقار سان پنهنجي وطن واپسي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ، عالمي تعاون گهڻو ضروري آهي. پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي پوئتي پيل اقتصادي صورتحال ۽ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او اءِ سي جي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير يورپي پارليامينٽرينز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري، انساني حقن جي سنگين پ??ئمالين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سان ملاقات لاءِ آيل بيلجيم پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي يونين جي ميمبرن پ??ڪستان جي بيلجيم ۽ يورپي يونين سان لاڳاپا وڌائڻ جي عزم ۽ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪيو. وفد افغانستان مان غير ملڪي ماڻهن جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ، افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ڏس ۾ پاڪستان جي متحرڪ ۽ مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ تي اتف??ق ڪيو.
پاڪستان بيلجيم ۽ پاڪستان يورپي يونين حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil