اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عاشور جو ڏهاڙو اسان کي ڪربلا جي شهيد?? جي ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا هنن حق جي سربلندي ۽ دين محمدي صه جي بقاءَ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ ڏني. امام حسين رضه جي شهادت ??و هي عظيم واقعو هر سال مسلمانن کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڏاڍ ۽ ظالم طاقتن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت جي وق?? زندگي جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ گهرجي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن حق ۽ باطل جي جنگ ۾ پاڻ نواسه رسول صه پنهنجي ۽ خانواده رسول صه جي جاني?? جي عظيم قرباني ڏني ۽ پنهنجي شهادت سان ڪربلا سانحي جي سبق کي دنيا جي انسانيت جي لاءِ بالعموم ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ خاص طور مشعل راهه بڻائي ڇڏيو. عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو. اعليٰ مقصد ۽ استقامت حق جو حصول ئي اهو نصب العين آهي جنه?? جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان ڪيٻائڻ نه گهرجي.
صدر ممنون حسين پاران عاشور واري ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری