ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي: وزيراعظم


APP36-101220 ISLAMABAD: December 10 - Prime Minister Imran Khan chairs the meeting of National Coordination Committee on COVID-19. APP

اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون

متعلقہ مضامین