اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ??وجوده ٽيڪس شرح ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو، سمورن ادارن جي سربراهن جون مقرريون ميرٽ تي ڪنداسين، ايندڙ 6 مهينن اندر عوام کي تبديلي ۽ بهتري نظر ايندي، ايل اين جي معاهدن سميت جنهن به معاهدا ڪيا سڀ عوام آڏو آڻينداسين، سوئس بئنڪن ۾ موجود 200 ارب ڊالرز جي معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، قو?? جو جيترو پئسو ??اهرئين ملڪ پيو آهي، اسان کي هر حال ۾ واپس آڻڻو آهي، بدعنواني جي خاتمي جي حوالي سا?? پنهنجي منشور موجب ڪم ڪنداسين. هن اها ڳالهه نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??عيشت جي موجوده صورتحال جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي. هن چيو ته قو?? جي ٽيڪس جي پئسي بابت حڪومت جوابده هوندي آهي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino