رياض _ 28 فيبروري (اي پي پي ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي سع??دي عرب جي دوري تي رياض پهچي ويو . ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان بن عبد العزيز سندس آجيان ڪئي . اردو نيوز مطابق سع??دي عرب جي شهر رياض ۾ باضابط ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ملاقات ۾ سع??دي عرب ۽ يوڪرين وچ ۾ لاڳاپن کان علاوه يوڪريني ۽ روسي بحران جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ويون . ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان يوڪريني صدر کي يقين ڏياريو ته مملڪت طرفان بحران کي حل ڪرڻ، امن حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوشش جاري رکيون وينديون . يوڪريني صدر بحران جي حل جي حوالي سان سع??دي عرب طرفان ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي مملڪت جي اڳواڻ جو شڪريه ادا ڪيو .
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات