بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦرلٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي: فرخ حبيب


اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦرلٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، ڪير وهم ۾ نه رهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز هن ڌرتي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪيو. اڄ اسان جو پيارو پاڪستان ان لاءِ مشڪل ۾ آهي ته ماضي ۾ زرداري ۽ شريف فيملي ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. فرخ حبيب چيو ته بلاول ڀٽو، سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو آهي؟ مملڪتي وزير چيو ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ آهي، عوام انهن ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو گهري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، اڄ به 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1500 رپين کان به مهانگو ملي رهيو آهي. فرخ حبيب چيو ته 2023ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، پنهنجي اين آر او سٽيل زرداري کي به سمجهايو ته اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوششون بند ڪري. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13 سالن ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪيو آهي؟

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری

متعلقہ مضامین