اسلام آباد-10 جنوري(اي پي پي)موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورش??د عالم چيو آهي ته ??المي گرمي پد ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.پاڪستان ڪوپ – 29 ۾ موسمياتي ڳالهين جي حوالي سان اهم ڪر??ار ادا ڪيو، پاڪستان اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن جي مفاد ۾ توازن پيدا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نسٽ يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿ??ي ٿو. گرمي پد 1.5 تائين محدود ڪرڻ واري پيرس معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. رومينه خورش??د عالم چيو ته پاڪستان 09 سالن جي مذاڪراتي عمل کان پوءِ آرٽيڪل 06 تي اتفاق لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪيو. ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي آئڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2025ع ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن لاءِ 730 ملين ڊالرز کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. رومينه خورش??د عالم چيو ته پاڪستان ۾ 2022 ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي، ٻوڏ دوران عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون، هن چيو ته قدرتي آفتن دوران نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي. نوجوان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ کي نظر ۾ رکندي صنعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان جو ڪر??ار اعتماد جوڳو رهيو. پاڪستان ڪوپ – 29 ۾ هاڪاري ڪر??ار ادا ڪيو. ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلي جي متاثر ملڪن جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان نه رڳو پنهنجي جنگ وڙهي پر سمورن متاثر ملڪن جي نمائندگي ڪئي.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : apostas quina