اسلام آ??اد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائ??مي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائ??مي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائ??مي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائ??مي ٺڪاڻن جي فهرس?? باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آ??اد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائ??مي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائ??مي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن